ڪينئان

ڪينئان

تاندوري ڪينئان

تاندوري ڪينئان (Wire worms ):کَٽِ کَٽِ آواز ٽنڊڻ (Click beetle) جا ڦڪي، رنگ جا سنها ۽ لسا ڪينئان، جيڪي چراگاهن ۾ رهن ٿا ۽ فصلن، خاص طور اناج جيڪي عام طور ٻئي سال گاهه پوک (Ley) لاءِ پوکيا ويندا آهن، تن تي حملو ڪن ٿا. تاندوري ڪينئون بهار ۽ سرءُ ۾ تمام گهڻو حملو ڪري ٿو، اهو زميني سطح هيٺان رهي ٻوٽن کي کائي ٿو ۽ پهرين انهن کي زرد ڪريو ڇڏي، تاندوري ڪينئان بالغ ٿيڻ ۾ 4 کان 5 سال لڳائين ٿا، جنهن بعد اهي زمين ۾ سوٻٽ (Pupa) ٿيو وڃن. ٻج جي ورتائڻ جي عمل (Seed dressing) ۾ بي. ايڇ. سي (B.H.C) مرڪب استعمال ڪري هنن کي ناس ڪري سگهجي ٿو.


لفظ تاندوري ڪينئانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو